سنڌي نظم

سنڌي نظم (ڪتاب): هن ڪتاب ۾ سنڌي شاعرن جو تذڪرو آهي، جنهن کي شمس العلماءِ‎ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي مرتب ڪيو آهي. هِن ڪتاب ۾ سنڌ جي عظيم صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کان وٺي شمس العماء ميرزا قليچ بيگ جي ڪلام جو انتخاب سندن مختصر احوال سميت ڏنل آهي. ڊاڪٽر صاحب طرفان لکيل تمهيد ۾ سنڌي شعر جي مختصر تاريخ تي پڻ روشني وڌي وئي آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1944ع ۾ انڊيا پرنٽنگ پريس سامهون ميري ويدر ٽاور ڪراچي مان دي سنڌ پبلشنگ هائوس ڪراچي ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪرائون سائيز ۾ 96 صفحن تي مشتمل هِن ڪتاب جي قيمت هڪ آنو 4 پايون ڄاڻايل آهي.


لفظ سنڌي نظمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو